هن سال عالمي قرض جي رقم 100 ٽرلين ڊالر ٿي ويندي

ڪراچي: انٽر نيشنل مانيٽري فنڊ يعني آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته هلندڙ سال جي آخر تائين دنيا ۾ پبلڪ ڊيٽ يعني مختلف رياستن پاران ورتل قرض 100 ٽرلين ارب دالر کان وڌي ويندو ۽ اهو پهريون ڀيرو ايڏي وڏي مقدار ۾ دنيا جو قرض هوندو. فنڊ جي تازي جاري ڪيل فزيڪل مانيٽر رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 2019 جي ڪووڊ وقت ورتل قرض جي رقم کان به عالمي قرض جي رقم وڌيڪ ٿي ويندي. رپورٽ موجب دنيا جي ڪل مجموعي پيداوار جي 93 سيڪڙو برابر اها رقم ٿي ويندي. جيڪا 2030 تائين دنيا جي ڪل جي دي پي جي 100 سيڪڙو برابر ٿي ويندي. دنيا ۾خرچ وڌي رهيا آهن ۽ معاشي واڌ گهٽ ٿي رهي آهي. هي رپورٽ فنڊ ۽ عالمي بئنڪ جي آمريڪا ۾ رٿيل سالياني بورڊ اجلاسن کان رڳو هڪ هفتو اڳ ۽ آمريڪا جي چونڊ کان 3 هفتا اڳ جاري ڪئي وئي آهي. دنيا جي وڏي ۾ وڏي معيشت يعني آمريڪا جي صدارتي چونڊ ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪاملا هيرس ٽيڪس ڇوٽ جا اعلان به ڪري رهيا آهن. رپورٽ موجب موسمياتي تبديلين، گرين انرجي، سيڪورٽي ۽ ترقياتي منصوبن سبب دنيا ۾ خرچ وڌي رهيا آهن. دنيا ۾ زندگي گذارن جا خرچ به مهانگائي سبب وڌيا آهن ۽ اڪٿر ملڪ ٽيڪس وڌائڻ کان لهرائين ٿا. آمريڪي ڪانگريس جي بجيٽ ڪميٽي 2024 ۾ 1.8 ٽرلين ڊالر جي خساري جو خدشو ظاهر ڪيو آهي جيڪو آمريڪي جي دي پي، جي 6.5 سيڪڙو برابر هوندو.

international loan will rise upto 100 trillion this year