ايف بي آر قومي ناڻي کي 6 ارب روپيه نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد: فيڊرل بورڊ آف روينيو قومي ناڻي کي 6 ارب روپين جو نقصان پهچائڻ جي الزام هيٺ 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

چيف ڪمشنر لينڊ روينيو ڊاڪٽر خالد ملڪ چيو آهي ته ٽيڪسز جي چوري ۽ جعلي انوائسز ٺاهي سيلز ٽيڪس چوري ڪندڙن جي خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.

ريجنل ٽيڪس آفيس حيدرآباد ۾ ڪوٺايل  سيمينار کي خطاب ۾ چيف ڪمشنر لينڊ روينيو چيو ته ايف بي آر جي انوفرمنٽ کان پوءِ جعلي انوائسز ۽ سيلز ٽيڪس جي چوري ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي واقع ٿي آهي جولاءِ 2023 کان اڃان تائين حيدرآباد ريجن ۾ سيلز ٽيڪس جي چوري ۾ ملوث 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري 10 ڪروڙ وصول ڪيا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ ڪيسز تي ڪم جاري آهي.

هن چيو ته ڪجهه  ڪمپنين جا مالڪ وڏي منافعي جي لالچ ۾ جعلي ڪمپنيون ٺاهي ٽرانزيڪشن ڪرڻ سان گڏوگڏ پروڊڪٽ جي مينو فيڪچرنگ ۾ ڪاسٽ جا غلط انگ اکر ظاهر ڪندا آهن جنهن سبب قومي ناڻي کي اربين روپين جو نقصان ٿيندو آهي پر هاڻ اهڙيون ڪاررواين ڪندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.

FBR arrest 10 peoples