شاهه نواز ڪنڀر ڪيس بعد پرتشدد مظاهرا سمجهه کان ٻاهر آهن: لنجار


ڪراچي: گهرو مامرن واري صوبائي وزير ضياءَ لنجار ڪراچي پريس ڪلب، تين تلوار ۽  ميٽرو پول تي ٿيل مظاهرن تي موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته سول سوسائٽي ۽ مذهبي جماعت طرفان هڪ ئي ڏينهن تي مظاهرن جو سڏ ڏنو ويو، جنهن سبب تڪرار جو خدشو هو، اهڙي صورتحال کي روڪڻ لاءِ ڪمشنر طرفان ڪراچي شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو هو

هن چيو ته احتجاج ڪندڙن پاران قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، پوليس قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تان ڪجهه ماڻهن کي حراست ۾ ورتو، قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف بنا ڪنهن رنگ، نسل ۽ مذهبي فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي،گهرو وزير پريس ڪلب آڏو احتجاج دوران صحافين تي پوليس تشدد جي جاچ جو حڪم ڏنو

گهرو وزير چيو ته جن اهلڪارن تعارف ڪرائڻ باوجود صحافين تي تشدد ڪيو، انهن  خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڪيس ۾ سنڌ حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي، شاهنواز جي وارثن جي مرضي سان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ پوليس آفيسرن ۽ پرائيويٽ ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو، ايف آءِ آر داخل ٿيڻ بعد ڪجهه آفيسرن کي گرفتار ڪيو ويو، ڪجهه پوليس آفيسرن گرفتاري کان اڳ واري ضمانتون حاصل ڪيون، ڪجهه پوليس آفيسر مفرور آهن، جن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي ڪارڪردگيءَ جو ماضي ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي، جنهن ۾ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي سسپينڊ ڪري مٿن ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، انهي باوجود پرتشدد مظاهرا ڪرڻ سمجهه کان بالاتر آهن

هن چيو ته ڪراچي ۾ ڪجه ڏينهن اڳ دهشتگردي جو واقعو پڻ پيش آيو، جيڪو پرڏيهي ملڪن ۽ ملڪ ۾ موجود دهشتگردن جي ڳٺ جوڙ سان ٿيو، سنڌ جي امن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هن وقت جڏهن اسلام آباد ۾ شنگھائي تعاون تنظيم جو اجلاس ٿي رهيو آهي، ميمبر ملڪن جا وفد ۽ سيڙپڪار  پهتل آهن، اهڙي صورتحال ۾ اهڙي  قسم جا مظاهرا هڪ محب وطن پاڪستاني لاءِ بهتر ناهن، سول سوسائٽي وارا چون ٿا ته اسان پڙهيل لکيل ماڻهو آهيون، مذهبي ماڻهو به چون ٿا اسان پڙهيل لکيل ماڻهو آهيون، انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته قلم 144 لاڳو ٿيل هجي ته ريلي ناهي ڪڍڻي

هن چيو ته اسان  کين گذارش ڪئي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس سبب ريلي نه ڪڍو پر هنن ڳالهه نه مڃي، قلم 144 لاڳو هجڻ باوجود شهر ۾ هجوم وانگر گهڙيا، جنهن بعد پرتشدد واقعا ڪيا، جنهن جو نقصان سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي عوام کي ڀوڳڻو پوندو، عورتن تي لاٺي چارج تي افسوس ٿيو، اسان ڪاروائي ڪنداسين. هن چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجو ڪم احسن طريقي سان ڪري رهي آهي. هن چيو ته اوهان جنهن سلوگن سان ريلي ڪڍي رهيا هئا، انهي جو اثر اهو ٿيو ته اسان جي بدنامي ٿي رهي آهي

protest for shahnawaz kumbhar is out of mind says zia lanjar