سنڌ ۾ 10 لک هارين کي بينظير هاري ڪارڊ ڏيڻ جو اعلان، بلاول پاران افتتاح

ڪراچي پيپلز پارٽي غريبن جي نمائنده جماعت آهي، اسين سدائين هارين، مزدورن ۽ عريبن جي بهتري لاءِ پاليسيون ٺاهيون آهن. اهڙو اطهار بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت پاران بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته شهيد ڀٽو هجي يا شهيد راڻي انهن هارين کي زمين ڏني ۽ سندن حقن جو تحفظ ڪيو. هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ڪاميابي سان جاري آهي. جنهن کي مصر ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي ۽ ڀارت جي اپوزيشن جماعت جي منشور ۾ به شامل آهي. بلاول چيو ته شهيد بينظير جي دور آلو جو بمپر ڪراپ ٿيو ۽ هارين کي ريٽ مناسب نه پئي مليو ته بي بي آلو حڪومت پاران خريد ڪرڻ جو پروگرم ڏنو. جنهن تياسلام آباد جا بابو پريشان ٿيا ته پيسا نه آهن پر بي بي کين چيو ته آلو ڀلي سمنڊ ۾ مڇين کي کارايو پر هارين جو نقصان برداشت ناهي. بلاول چيو ته ٽنڊو الله يار جا انب هجن يا خيرپور جون کارڪون سڀني جي بروقت امداد ٿي سگهندي. هن چيو ته هتي مافيائون سرگرم آهن، هن موقعي تي زرعي شعبي کي ڊي ريگوليٽ ڪرڻ جو فيصلو بيوقوفي هوندو. فرٽيلائيزر ڪمپنين کي اربين روپين جي ملندڙ سبسڊي بند ڪري هارين جي مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ملڪ ۾ نا انصافي وارو عدالتي نظام آهي اسين ان م سڌارا چاهيون ٿا ۽ آئيني ڪورٽ جو قيام ان عمل جو حصو آهي. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسين 15 لک کان مٿي هارين جي رجسٽريشن ڪئي آهي جن مان 10 لک کي هاري ڪارڊ ڏنو ويندو. في الحال في ايڪڙ 5 هزار روپيا ٻج ڀاڻ لاءِ ڏنا ويندا. رجسٽرڊ هارين ۾ اڪثريت ساڍا ٻارنهن ايڪڙ وارن جي آهي ٻئي مرحلي ۾ 25 ايڪڙ وارن زميندارن کي ڪارڊ ملندا. هن چيو ته هر تعلقي سطح اسٽنٽ ڪمشنر، ضلعي سطح تي ڊي سي ۽ ڊويزن جي سطح تي ڪمشنر هاري ڪارڊ ورهائڻ وارين ڪميٽن جا سربراهه هوندا. جن جي نگراني وزيرن تي مشتمل ڪميٽي ڪندي. هن چيو ته 2022 جي ٻوڏ ۾38 لک هيڪٽرز تي مشتمل فصل تباهه ٿيو ۽ هارين کي 420 ارب جو نقصان ٿيو. اسين نقصان جي ازالي لاءِ 3 لک هارين کي 20 ارب روپيا امداد ڏني، جنهن سبب 2024 ۾ سنڌ ۾ 40 لک ٽن ڪڻڪ جي راڪرڊ پيداوار ٿي. هن چيو ته اسين انشورنس ڪمپني سان ڳالهايون پيا جيڪا ننڍن آبادگارن جي فصل جي انشورنس ڪندي. هن چيو ته هاري ڪارد تي سنڌ بئنڪ بنا وياج جي هارين کي قرض ڏيندي ان جو وياج سنڌ حڪومت ادا ڪندي. هاري ڪارد وارا زرعي مشينري، سولر ٽيوب ويل جا به حقدار هوندا. هن سال هارين جي امداد لاءِ 8 ارب روپيا بجيٽ ۾ رکيا آهن

Bilawal bhutto announce 1 miilion haari cards to farmer