سنڌ هاءِ ڪورٽ 26هين آئيني ترميم خلاف داخل ڪيل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ 26هين آئيني ترميم جي خلاف داخل ڪيل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي 26هين آئيني ترميم جي خلاف وڪيلن طرفان داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ محمد شفيع صديقي ريمارڪس ڏنا ته جڏهن ترميم ٿئي نه آهي ته عدالت ڪيئن مداخلت ڪري سگهي ٿي؟ ترميم کان اڳ ڪيئن طئي ڪريون ته ترميم قانون موجب ٿي رهي آهي يا نه؟

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته آئيني ترميم جو ڊرافٽ اسيمبلي ۾ آندو ويو آهي. جنهن تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته اوهان درخواست کڻي هتي پهچي ويا آهيو؟ اسيمبلي ۾ 24 ڪروڙ عوام طرفان چونڊيل نمائندا ويٺل آهن

عدالت وڪيل سان ڳالهائيندي پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تي سپريم ڪورٽ جي ججمينٽ پڙهي آهي؟ جنهن تي وڪيل جواب ڏنو ته ججمينٽ پڙهي آهي

جسٽس محمد شفيع صديقي چيو ته انهي جي باوجود اوهان اهڙي درخواست داخل ڪرڻ جي همٿ ڪئي؟ اها درخواست ڪيئن ٻڌڻ جوڳي آهي؟

وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته آئيني ترميم عوامي حقن جي خلاف ۽ عدليه تي حملو آهي، آئيني ترميم کان اڳ اهو مسودو بار ڪائونسل ۽ وڪيلن جي تنظيمن آڏو آڻڻ گهرجي ته جيئن انهي تي بحث ٿئي

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي قانون جي تحت مسودو بار ڪائونسل ۽ وڪيلن جي تنظيمن آڏو پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيون؟ 3 کان 4 لائنون لکي درخواست داخل ڪئي ويندي آهي، پوءِ اها خبر اخبارن جي زينت بڻجي ويندي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اسان ڪيئن وڃي سگهون ٿا. جنهن کان پوءِ عدالت 26هين آئيني ترميم جي خلاف داخل ڪيل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو

sindh high court reject application against 26th amendment