دنيا جي گدلي ترين شهرن ۾ لاهور ۽ ڪراچي شامل

اسلام آباد: پاڪستان جا ٻه شهر دنيا جي آلودگي وارن شهرن ۾ شامل آهن.ايئر ڪوالٽي انڊيڪس موجب دنيا جي آلودگي وارن شهرن ۾ لاهور پهرين ۽ ڪراچي ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته ٻنهي شهرن جي هوا جو معيار صحت لاءِ انتهائي نقصانڪار ثابت ٿيو آهي.اڄ لاهور جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 229 ۽ ڪراچي جو ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 181 رڪارڊ ڪيو ويو.دنيا جو ٻيو نمبر آلودگي وارو شهر عراق جي راڄڌاني بغداد آهي، جتي هوا جي معيار جو انڊيڪس 200 رڪارڊ ڪيو ويو.