پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ پاور سيڪٽر رڪاوٽ آهي، عالمي بئنڪ

اسلام آباد :عالمي بئنڪ پنهنجي تازي رپورٽ م چيو آهي ته پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ پاور سيڪٽر رڪاوٽ آهي. ورلڊ بينڪ جي پاڪستان ڊولپمينٽ اپڊيٽ پاور سيڪٽر ڊسٽري بيوشن ريفارمز رپورٽ 2024 جاري ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال لاءِ پاڪستان جي ’جي ڊي پي‘ ۾ واڌ جو اندازو 2.8 سيڪڙو آهي. جڏهن ته هلندڙ مالي سال لاءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 0.6 سيڪڙو رهڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي. ڪل خسارو GDP جو 7.6 سيڪڙو رهن جو امڪان آهي. رپورٽ موجب پاڪستان جي ليبر فورس ۾ عورتن جي شرح ڏکڻ ايشيا جي ٻين سڀني ملڪن کان گهٽ آهي، پاڪستان جو پاور سيڪٽر معاشي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي، پاڪستان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ يا ورهاست واري نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي سخت کوٽ آهي. بجلي جي ورهاست به ناقص رٿا بندي ۽ جديد ٽيڪنالوجي جي استعمال کانسواءِ ڪئي پئي وڃي جنهن سبب لائين لاسز جي شرح تمام گهڻي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي پيداوار، ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن ۾ خرابين جي ڪري بجلي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، ڏکڻ ايشيائي خطي جي ملڪن جو پاڻ ۾ گهٽ واپار ٿي رهيو آهي، وڌيڪ واپار خطي کان ٻاهر ٿي رهيو آهي جنهن سبب قيمتن ۾ به واڌ ٿئي ٿي. وچ اوڀر ۾ جنگي صورتحال جو جائزو وٺندي چيو ويو آهي ته خطي ۾ ڇڪتاڻ سبب خام تيل جي قيمتن ۾ گهڻي دير تائين واڌ جو امڪان ناهي. قيمتون نارمل ٿي وينديون. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪرنسي ايڪسچينج جو نظام ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ بهتري اچي پئي.

pakistan economy faces power sector challenges