ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ پاس ڪندڙن جي ميرٽ لسٽ شايع نه ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي : سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن جي ميرٽ لسٽ شايع نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت يونيورسٽيز کي داخلائون شروع ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو عدالت رمارڪس ۾ چيو ته سيڪريٽري صحت ۽ چيف سيڪريٽري ٽيسٽ ۾ بي ضابطگين جي الزامن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي تجويز ڏني آهي عدالت چيو ته ڪميٽي ۾ ڊاڪٽر شيرين ناريجو سي ايم آءِ ٽي ۽ ڊائريڪٽر سائيبر ڪرائيم ايف آءِ اي شامل هجن، اڳوڻو سيڪريٽري بورڊ مريد علي راهمون به ڪميٽي جو ميمبر هوندو، ڪميٽي جاچ ڪري ڪرمنل ۽ سول ذميواري لاڳو ڪري عدالت حڪم ڏنو ته ڪميٽي 15 ڏينهن اندر پنهنجي جاچ مڪمل ڪري، جاچ ڪميٽي ٽيسٽ وٺندڙ يونيورسٽين ۽ پي ايم ڊي سي کان ريڪارڊ طلب ڪري سگهي ٿي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته اسان وٽ ڪيس آيو آهي ته انصاف ته ڪرڻو پوندو، ڪنهن اداري زحمت نه ڪئي ته پيپر ليڪ ٿيو آهي ته ڪينسل ڪيون، جسٽس امجد علي چيو ته پيپر ڪنهن سينٽر جو ليڪ ٿيو آهي ته سڄي سنڌ نه پر ان ڊويزن جا پيپر ملتوي ڪيا وڃن

order to not show the merit list of MDCAT