حزب الله جو اسرائيلي فوجين تي وار،190 راڪيٽ ۽ ميزائل فائر

لبنان : لبنان تي اسرائيلي بمباري کانپوءِ مزاحمتي تنظيم حزب الله اسرائيل جي مختلف علائقن ۾ فوجين تي ميزائل ۽ سوين راڪيٽ حملا ڪيا.اسرائيلي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن حزب الله اسرائيلي راڄڌاني تل ابيب ۾ اسرائيلي انٽيليجنس يونٽ ۽ فوجين کي اتر اسرائيل جي مختلف علائقن ۾ ميزائل ۽ راڪيٽ حملن سان نشانو بڻايو ۽ 190 راڪيٽ فائر ڪيا.اسرائيلي ميڊيا موجب تل ابيب ۾ موساد جي هيڊ ڪوارٽر جي ڀرسان واقع انٽيليجنس يونٽ کي نشانو بڻايو ويو.ٻئي طرف اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته حزب الله جا 5 راڪيٽ فائر ڪيا ويا ۽ باقي خالي علائقي ۾ ڪريو،واضح رهي ته 7 آڪٽوبر تي غزه ۽ يمن کان به اسرائيل تي حملو ڪيو ويو هو، حوثي باغين تل ابيب تي فائر ڪيل بيلسٽڪ ميزائل کي ڪيرائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ بين گورين ايئرپورٽ کي عارضي طور تي بند ڪيو ويو هو.

Hizbollahwhich attacked Israeli troops