پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نئين تاريخ رقم

ڪراچي : پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس نئين عبوري حد عبور ڪري ويو.ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن کان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست واڌ ٿي، ۽ هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس 84 هزار جي سطح پار ڪري ويو، 100 انڊيڪس 528 پوائنٽس وڌي 84060 تي پهچي ويو.ياد رهي ته گذريل هفتي جي آخري ڪاروباري ڏينهن تي اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 810 پوائنٽس جي واڌ سان 83 هزار 531 پوائنٽس تي بند ٿيو هو.