پاڪستان ايٽمي طاقت ملڪ آهي، اسرائيل اسان تي حملو نٿو ڪري سگهي: خواجه آصف

اسلام آباد: دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته اسان ايٽمي طاقت آهيون، اسرائيل اسان جي ملڪ پاڪستان تي حملو نٿو ڪري سگهي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته اسرائيل پاڪستان تي حملو نٿو ڪري سگهي اسرائيل پي ٽي آءِ باني جي ذريعي اسان تي حملي آور آهي، پي ٽي آءِ باني يهودي لابي جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، اسرائيل جو ايجنڊا پي ٽي آءِ باني پورو ڪري رهيو آهي

هن چيو ته 2014 ۾ سي پيڪ تي صحيحون ٿي رهيون هيون ته  ان وقت به پي ٽي آءِ باني حملي آور هو، هاڻ ٻيهر هن شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس تي احتجاج شروع ڪري ڇڏيو آهي. اهي  سڀ اسارا جوڙيو ته خبر پوندي ته اها پاڪستان جي خلاف هڪ سازش آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هاڻ عوام کي آهستي آهستي سڀ خبر پئجي رهي آهي، خواجه آصف وڌيڪ چيو ته 126 ڏينهن جي ڌرڻي کان پوءِ هي اڄ ٻيهر افراتفري جي سياست ڪري رهيا آهن، اهم پريس ڪانفرنس جي موقعي تي افراتفري پکيڙي پئي وڃي.

Pakistan is a nuclear power country