ملڪ ۾ سون سستو ٿي ويو

ڪراچي: سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 500 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 75 هزار 500 رپين جو ٿي ويو آهي.

ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 428 رپيا گهٽجڻ بعد 2 لک 36 هزار 197 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت چار ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2 هزار 653 ڊالرز آهي.