آمريڪي حڪومت پاران ٽيچرز ريسورس سينٽر سان گڏجي پاڪستان جي پهرين موسمياتي تبديلي جي نصاب جي شروعات

اسلام آباد: آمريڪي حڪومت ٽيچرز ريسورس سينٽر سان گڏجي پاڪستان جي پهرين موسمياتي تبديلي جي نصاب جي شروعات ڪئي آهي. اهو پروگرام پهرين درجي کان ڏهين درجي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي موسمياتي تبديلي جي سائنس متعلق آگاهي فراهم ڪندو ، ۽ ان کي آئنده جي نسلن لاءِ ماحول جي حفاظت بابت محارتن کان واقف ڪرائيندو .

اهو نصاب آر سي ”ڪلائيميٽ چينج آگاهي ۽ ايڪشن برائي نيچر، ڊائيورسٽي، لائيو ليهوڊ ۽ ايڪو سسٽمز“ تحت تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ استادن لاءِ هڪ عملي ڪِٽ به شامل آهي.ان ۾ موسمياتي سائنس ۽ تبديلي جي اثرن ۽ تيزي سان بدلجندڙ ماحول سان گذارڻ جو عملي حل ۽ ان جهڙي  اهم موضوعن جو احاطو ڪرڻ  وارا آسان سبق به شامل آهن.

”اسڪولن ۾ موسمياتي تعليم متعارف ڪرائي، اسان نوجوان ذهنن کي معنيٰ وارو عمل ڪرڻ لاءِ بااختيار بڻائي رهيا آهيون. افتتاحي تقريب ۾ ليزا سوينارسڪي، آمريڪي سفارتخاني جي عوامي سفارتڪاري بابت مشير چيو .”هي شاگرد ماحولياتي تحفظ ۾ هڪ گهري سمجهه سان گڏ وڏا ٿيندا ۽ اها ئي حقيقي تبديلي جي شروعات آهي .“

سينئر وفاقي وزير ۽ صوبائي تعليمي اڳواڻ ، عوامي نمائندا ۽ نجي شعبي جا نمائندا به افتتاحي تقريب ۾ شريڪ ٿيا ۽ موسمياتي بحران کي منهن ڏيڻ ۾ تعليم جي ڪردار تي زور ڏنو . اهو نئون نصاب ٻنهي ملڪن وچ ۾ پائيدار ۽ لچڪدار مستقبل لاءِ گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿو .

ان اهم قدم وسيلي اسڪولن ۾ موسمياتي تعليم کي شامل ڪري ، پاڪستان ماحولياتي تحفظ لاءِ نوجوانن جي قيادت تيار ڪري رهيو آهي  ته جئين ايندڙ نسلون پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪري سگهن .