قوم کي پاڪستان جي روشن مستقبل تي مڪمل يقين ۽ اعتماد هئڻ گهرجي: آرمي چيف

راولپنڊي : چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اُهي ماڻهو جيڪي معاشري ۾ مايوسي پکيڙڻ جي ناڪام ڪوششون ڪري رهيا هئا، سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي گڏيل ڪوششن سان شڪست کائي چڪا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، آرمي چيف ڪراچي ۾ واپارين سان ملاقات ڪئي، آرمي چيف واپارين ۽ دوست ملڪن، خاص طور چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب رياستن جي پاڪستان جي معاشي بحالي ۾ ڪيئي شعبن ۾ مدد تي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان وٽ مختلف شعبن ۾ اڻ کٽ صلاحيتون آهن. هن چيو ته قوم کي پاڪستان جي روشن مستقبل تي مڪمل يقين ۽ اعتماد هئڻ گهرجي، پاڪستان، الله جي حڪم سان، پنهنجي حقيقي مقام تائين پهچندو. پڌرائي موجب، آرمي چيف عاصم منير ڪراچي ڪور جي علائقي جو دورو ڪيو جتي کيس آپريشنل تيارين ۽ فوج جي اهتمام هيٺ اهم تربيتي قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي، دوري دوران آرمي چيف ” انوويسٽا انڊس آءِ ٽي پارڪ “ جو افتتاح پڻ ڪيو. اِهو پارڪ پاڪستان جي نوجوانن کي انفارميشن ٽيڪنالوجي، خاص طور مصنوعي ذهانت واري شعبي ۾ تعليم ۽ صنعت جي وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺڙائڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. افتتاحي تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين اهم سول سوسائيٽي جي شخصيتن شرڪت ڪئي.