اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس بابر ستار هڪ مهيني جي موڪل تي روانو ٿي ويو

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار جي هڪ مهيني جي موڪل منظور ڪئي وئي آهي جنهن جي نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار اعجاز احمد جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس عامر فاروق جسٽس بابر جي 30 سيپٽمبر کان 29 آڪٽوبر تائين موڪل جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

هڪ مهيني جي موڪل سبب جسٽس بابر ستار جي عدالت جي ڪاز لسٽ به ملتوي ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گرمي جي موڪلن جي 2 مهينن دوران جسٽس بابر هڪ مهيني موڪل ڪئي ۽ هڪ مهينو ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي هئي