خيبرپختونخوا حڪومت جو آءِ ايم ايف سان معاهدي تي خدشن جو اظهار

پشاور: خيبرپختونخوا حڪومت عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) سان طئي ٿيل معاهدي جي ڪجهه نڪتن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

خيبرپختونخوا سرڪاري جي ناڻي بابت صلاحڪارمزمل اسلم پنهنجي بيان ۾ چيو ته گذريل ڏينهن ڪابينه اجلاس ۾ قومي مالياتي معاهدي جي ڪجهه نڪتن تي خدشن جو اظهار ڪندي وضاحت طلب ڪئي آهي.

سندس چوڻ هو ته صوبائي ڪابينه طرفان خدشا وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، خدشن تي وفاقي حڪومت جي وضاحت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير کي پيش ڪئي ويندي.

مزمل اسلم چيو ته صوبائي ڪابينه آءِ ايم ايف پيڪيج جي منظوري سٺو سنئوڻ قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ڪجهه نڪتن تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.

ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ آءِ ايم ايف جي ايگزيڪٽيو بورڊ اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ ست ارب ڊالر قرض جي منظوري ڏني وئي هئي.