تشريح جي آڙ ۾ سپريم ڪورٽ آئين کي ٻيهر نه ٿي لکي سگهي: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 14 سيپٽمبر تي سيٽن جي الاٽمينٽ بابت سپريم ڪورٽ جي وضاحت کي چئلينج ڪري ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن اڪثريتي ججن جي 14 سيپٽمبر واري وضاحت تي نظرثاني درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالتي فيصلي ۾ دير جو ذميوار اليڪشن ڪميشن ناهي.نظرثاني درخواست ۾ چيو ويو آهي ته 12 جولاءِ جي فيصلي جي وضاحت 25 جولاءِ تي داخل ڪئي وئي هئي.وڌيڪ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ 14 سيپٽمبر تي وضاحت جو حڪم جاري ڪيو هو، جڏهن ته عدالت تحريڪ انصاف کي جواب لاءِ نوٽيس جاري ڪيو هو، عدالت تحريڪ انصاف جي دستاويز تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ناهي ڪيو.نظرثاني درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالت تحريڪ انصاف جي دستاويزن تي اليڪشن ڪميشن کان جواب طلب نه ڪيو.اليڪشن ڪميشن جي وضاحت جي درخواست کانپوءِ پارليامينٽ قانون سازي ڪري ڇڏي آهي.سپريم ڪورٽ 14 سيپٽمبر جي وضاحت تي ٻيهر غور ڪري.بعد ۾ اليڪشن ڪميشن نظرثاني واري ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ اضافي جمع ڪرايا جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جو مخصوص معاملن تي فيصلو مفروضن تي ٻڌل آهي.اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي فيصلي تي عملدرآمد روڪڻ جي به درخواست ڪئي. اليڪشن ڪميشن درخواست ۾ چيو آهي ته مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ جو فيصلو مفروضن تي ٻڌل آهي، سپريم ڪورٽ تشريح جي آڙ ۾ آئين کي ٻيهر نه ٿو لکي سگهي.اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته عدالت پنهنجي 12 جولاءِ جي حڪم کان انحراف ڪيو، تفصيلي فيصلي ۾ عدالت تحريڪ انصاف جي 41 ميمبرن کي محدود ڪري ڇڏيو، سياسي پارٽي ۾ شامل آزاد ميمبرن جو مدو 3 ڏينهن آهي.اليڪشن ڪميشن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ ميمبرن کي 15 ڏينهن جي مهلت ڏيندي آئين جو لفظ تبديل ڪيو. آزاد ميمبرن سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت جا حلف ناما جمع ڪرائي ڇڏيا، عدالتي فيصلي ۾ ميمبرن جي حلف نامن کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو.اليڪشن ڪميشن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن بئريسٽر گوهر جا سرٽيفڪيٽ صحيح مڃيا وڃن ته به پي ٽي آءِ ميمبرن جو انگ 39 نه ٿيندو.اميدوارن پاران سيڪشن 66 تحت پارٽي وابستگي جو اعلان جمع نه ڪرايو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن موقف اختيار ڪيو ته رولز 94 چونڊ نشان واري سياسي پارٽي لاءِ آهي، تحريڪ انصاف طرفان ججز چيمبر ۾ جمع ڪرايل دستاويز ڪڏهن به کليل عدالت ۾ پيش نه ڪيا ويا.اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته تحريڪ انصاف کي مخصوص سيٽن جو رليف نه ٿو ڏئي سگهجي، تحريڪ انصاف ڪنهن به فورم تي پنهنجي حق جي دعويٰ ناهي ڪئي. اليڪشن ڪميشن موجب سپريم ڪورٽ فل ڪورٽ جو فيصلو آهي ته ڪنهن دعويدار کي پارٽي يا رليف نٿو ڏئي سگهجي.