سنڌ حڪومت توهين رسالت جي جوابدار جي جعلي پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي:  سنڌ حڪومت عمرڪوٽ ۾ توهين رسالت جي الزام ۾ ڊاڪٽر شاهنواز جي جعلي پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ جي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي.

سنڌ جي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته عمرڪوٽ ۾ ٿيل واقعي جي انڪوائري جي لاءِ  سي ٽي ڊي کان مدد ورتي وئي، متاثرين جنهن کي ذميوار قرار ڏيندا انهن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.

هن چيو ته انڪوائري ۾ الزام صحيح ثابت ٿيڻ تي اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو ۽ اهو هڪ جعلي پوليس مقابلو هو. هن چيو ته عمرڪوٽ ۾ پوليس اهلڪارن تي جعلي پوليس مقابلي جو الزام هو، سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي هئي

صوبائي گهرو وزير چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي گهر ڀاتين کي آزادي حاصل آهي ته اهي ذميوارن جي خلاف فرسٽ انفارميشن رپورٽ داخل ڪرائي سگهن ٿا. ذميوارن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. هن چيو ته انڪوائري ڪميٽي ميرپورخاص پوليس ۽ سي آءِ اي ميرپورخاص کي واقعي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي سڀني جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي.  

هن چيو ته جيڪڏهن مقتول جي گهر ڀاتين ايف  آءِ آر نه ڪٽرائي ته رياست ڪيس داخل ڪرائيندي، جاچ موجب پوليس عمرڪوٽ ۾ جعلي  پوليس مقابلو ڪيو هو، عوام جي جان مال جو تحفظ ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. داخل ٿيل 6 ايف آءِ آرز جي جاچ ڪئي وڃي.

ضياءُالحسن لنجار چيو ته ميرپورخاص جو نئين ڊي آءِ جي بطور چيئرمين ايف آءِ آر جي جاچ ڪندو. هن چيو ته اها ڳالهه اڃان تائين جاچ هيٺ آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز جوابدار هو يا ڏوهاري انهي جو فيصلو هنن جي موبائل فون جي پنجاب مان فارنزڪ کان پوءِ ڪيو ويندو.

سنڌ جي گهرو وزير چيو ته اسان ملوث آفيسرن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي رهيا آهيون، پيپلز پارٽي جي جمهوري حڪومت آهي.  پوليس جو ڪم شهرين جي حفاظت ڪرڻ آهي جيڪڏهن اهو توهين عدالت جو جوابدار هو تڏهن به انهي کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي ها. اڃان تائين اها ڳالهه جاچ جي مرحلي ۾ آهي ته جوابدار ڏوهه ڪيو يا نه؟ انهي جو موبائل فون فرانزڪ جي لاءِ ويل آهي.

هن چيو ته واقعي جي شروعاتي رپورٽ  پيش ڪئي وئي آهي هاڻ سنڌ حڪومت واقعي جي مڪمل جاچ ڪرائيندي جنهن کان پوءِ وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون. سمورن ملوث آفيسرن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان چاهيون ٿا ته حڪومت جي رٽ برقرار رهي آهي ۽ ادارا آئيني حدن ۾ رهندي ڪم ڪن. سنڌ جو وڏو وزير متاثر خاندان جي لاءِ معاوضي جو جلد اعلان ڪندو اسان متاثر ٿيل گهر ڀاتين سان گڏ آهيون.