توشه خانه 2 ڪيس: عمران خان ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر

اسلام آباد: : اسلام آباد جي خصوصي عدالت توشه خانه 2 ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ ان جي گهر واري بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي آهي.

اسپيشل جج سينٽرل شاهه رخ ارجمند  درخواستن تي اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي ڪئي. پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي عدالت ۾ ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو. وڪيل صفائي  پنهنجا دليل مڪمل ڪري ورتا، پراسيڪيوشن ٽيم جا ضمانت جي درخواست تي دليل مڪمل نه ٿي سگهيا پراسيڪيوشن دليلن جي لاءِ عدالت کان وڌيڪ وقت گهري ورتو

وڪيل صفائي طرفان دليلن جي لاءِ پراسيڪيوشن کي وڌيڪ وقت ڏيڻ جي مخالفت ڪئي وئي. پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سلمان صفدر درخواست ڪئي ته عدالت ضمانت جي درخواستن تي اڄ ئي فيصلو ڪري جيڪڏهن ڪجهه نه ٿيو ته عدالت اسان جون ضمانت جون درخواستون رد ڪري ڇڏي. ٻڌڻي جي اڄ جي تاريخ به پراسيڪيوشن جي مرضي سان ڏني وئي هئي، هاڻ ڇا هر ڪم پراسيڪيوشن جي مرضي سان ٿيندو. انهي موقعي تي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي به روسٽرم تي اچي اڄ ئي ضمانت جي درخواستن تي فيصلو ڪرڻ جي استدعا ڪئي.

عمران خان چيو ته اسان انصاف  چاهيون ٿا، جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو انصاف نه آهي،  چونڊن کان اڳ 5 ڏينهن ۾ 3 سزائون ڏنيون ويون، بشريٰ بي بي جو انهي ڪيس سان ڪجهه به ڏيڻ وٺڻ نه آهي، پوءِ به جيل ۾ آهي، اسان 22 ڪلاڪ جيل ۾ گذاريا آهن، عدالت ضمانت جي درخواستن تي اڄ ئي فيصلو ڪري.

عدالت پراسيڪيوشن کي دليلن جي لاءِ وڌيڪ وقت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 28 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. انهي کان علاوه عدالت توشه خانه 2 ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي تاريخ به مقرر ڪري ڇڏي.