پهرين آڪٽوبر کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 3 روپيه في ليٽر لاٿ جو امڪان

اسلام آباد: عالمي منڊي ۾ ٻارڻ جي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان ۾ به هڪ هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ پهرين آڪٽوبر کان لاٿ جو امڪان آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 3 روپين تائين لاٿ جو امڪان آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ روپيو في ليٽر گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پيٽرول جي قيمت کي برقرار به رکي سگهجي ٿو جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 3 روپيه في ليٽر گهٽتائي ٿي سگهي ٿي.

ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن جو حتمي اعلان 30 سيپٽمبر تي ناڻي وارو وزير وزيراعظم جي مشاورت کان پوءِ ڪندو