آءِ ايم ايف ڊيل جا اثر، پي ايس ايڪس ۾ واڌ، انڊيڪس وڏي حد پار

ڪراچي : عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان معاهدي جا هاڪاري اثر پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي به نظر اچي رهيا آهن.گذريل ڏينهن آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 7 ارب ڊالرن جي بيل آئوٽ پيڪيج جو اعلان ڪيو هو جڏهن ته پاڪستان جي معاشي سڌارن کي ساراهيو هو.ان حوالي سان آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽا لينا جارجيوا چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون هجن، پاڪستان اهڙا سڌارا ڪيا آهن جن سان معيشت ۾ بهتري آئي آهي. پاڪستان جي معيشت صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي، معاشي ترقي ۽ مهانگائي گهٽ ٿي رهي آهي.آءِ ايم ايف سان معاهدي جو اثر پي ايس ايڪس تي به نظر اچي رهيو آهي ۽ 100 انڊيڪس ۾ اڄ کان ڪاروبار شروع ٿيڻ کان پوءِ تيزي آئي آهي.ٽريڊنگ سيشن دوران 100 انڊيڪس 658 پوائنٽس وڌي 82905 جي نئين رڪارڊ سطح تي واپار ڪندي ڏٺو ويو.

Impact of IMF dealrise in PSX