ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستاني معيشت بابت اهم رپورٽ جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد : ايشيائي ترقياتي بئنڪ ( اي ڊي بي) هلندڙ مالي سال لاءِ پاڪستاني معيشت کي بهتر قرار ڏيندي چيو آهي ته مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام جا انگ اکر هاڪاري آهن.
اي ڊي بي جي پاڪستان جي معيشت بابت جاري ڪيل آئوٽ لُڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2024 ۾ پاڪستان جي معاشي ترقيءَ جي شرح ٻه ڏهائي چار سيڪڙو تائين جڏهن ته مالي سال 2025 ۾ جي ڊي پي جي شرح ٻه ڏهائي اٺ سيڪڙو تائين هئڻ جو امڪان آهي پر معاشي ترقي سڌارن واري ايجنڊا تي عملدرآمد پاليسي جي تسلسل سان مشروط آهي.
آئوٽ لڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي، نجي شعبي کي هٿي ڏيڻ به پاڪستاني معيشت جي رجحان ۾ بهتري جي شرط هوندي، مهانگائي جي شرح سال 2023 تائين 29 ڏهائي 2 سيڪڙو تائين جي سطح تي هئي جيڪا 2024 ۾ گهٽجي 23 ڏهائي 4 سيڪڙو تي اچي وئي آهي.
رپورٽ موجب، وياج جي منظم شرح، ايڪسچينج ريٽ ۾ استحڪام سان پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان آهي جڏهن ته مالي سال 2025 ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 15 سيڪڙو تائين گهٽجڻ جو امڪان آهي.