سوات ۾ پرڏيهي سفيرن جي قافلي تي حملو، جاچ ڪميٽي قائم

پشاور : خيبرپختونخواهه حڪومت سوات جي علائقي مالم جبه ۾ پرڏيهي سفارتڪارن جي قافلي تي حملي جي جاچ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب صوبائي حڪومت پاران جاچ لاءِ 2 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي جاچ ۽ اسپيشل سيڪريٽري گهرو شامل آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪندي ۽ جاچ کانپوءِ تفصيلي رپورٽ پڻ تيار ڪري صوبائي حڪومت کي پيش ڪندي.

Attack on convoy of foreign ambassadors in Swat