ڪوئٽه ۾ ڌماڪو: پوليس اهلڪارن سميت 12 ڄڻا زخمي

ڪوئٽه: ڪوئٽه ۾ اوڀر باءِ پاس تي پوليس موبائيل ڀرسان ڌماڪو ٿيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪارن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اختيارين موجب ڪوئٽه جي ڏوراهين علائقي اوڀر باءِ پاس تي نامعلوم ماڻهن موٽر سائيڪل ۾ ڌماڪيدار مواد لڳائي رکيو هو جيئن ئي خالق شهيد پوليس ٿاڻي جي موبائيل موقعي تي پهتي ته زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪارن سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

انتظاميه ٻڌايو آهي ته واقعي کان پوءِ پوليس ۽ ريسڪيو جون ٽيمون موقعي تي پهچي زخمين کي سول اسپتال ڪوئٽه منتقل ڪيو جتي هڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

اختيارين موجب واقعي کان پوءِ بم ڊسپوزل اسڪواڊ موقعي تي پهچي جاچ جي شروعات ڪئي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي ٽيم جو چوڻ آهي ته ڌماڪيدار مواد موٽر سائيڪل ۾ لڳايو ويو هو جنهن کي ريموٽ ڪنٽرول سان اڏايو ويو جڏهن ته وڌيڪ جاچ سي ٽي ڊي ٽيم ڪري رهي آهي.