انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 75 پئسا ٿي ويو

ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 12 پئسا گهٽتائي ٿي وئي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 12 پئسا سستو ٿي 277 رپيا 75 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 87 پئسا تي هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات ۾ ملا جلا رجحان ڏٺو ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 45 پوائنٽن جي واڌ سان 81 هزار 895 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 81 هزار 850 پوائنٽس تي بند ٿيو.

In the interbank