اسرائيلي اخبار عمران خان کي اسرائيل جو حمايتي قرار ڏئي ڇڏيو

تل ابيب : اسرائيلي اخبار يروشلم پوسٽ جي هڪ آرٽيڪل ۾ پي ٽي آءِ باني کي اسرائيل جو حمايتي قرار ڏنو ويو آهي.
آرٽيڪل ۾ لکيو ويو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم اسرائيل مخالف ڏيان ڏيڻ اسرائيل سان بهتر لاڳاپن جا اشارا ڏيندو رهيو، عمران خان اسرائيل لاءِ هم خيال سياستدان آهي ۽ ان جي چونڊن ۾ ڪاميابي پاڪ اسرائيل لاڳاپن جو نئين سر جائزو وٺڻ جو موقعو آهي.
اسرائيلي اخبار جي آرٽيڪل ۾ چيو ويو ته اسرائيل دوست پرڏيهي پاليسي جا اسٽريٽيجڪ فائدا آهن پر پاڪستان جي فوجي اسٽيبلشمينٽ طرفان مزاحمت ڪئي پئي وڃي، فوجي اسٽيبلشمينٽ ڊگهو عرصو اسرائيل سان لاڳاپن کي معمول تي اچڻ کان روڪيو، تنهن ڪري اسرائيل سان لاڳاپن لاءِ پاڪستان جي موجوده سياسي قيادت کي تبديل ٿيڻو پوندو، عمران خان اسرائيل جو حمايتي ۽ اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي قيادت جو مخالف آهي.
آرٽيڪل موجب اسرائيل سان لاڳاپن ۾ عمران خان جو ڪردار اهم هوندو، ڇو ته هو عوامي راءِ ۽ فوجي پاليسي تبديل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جي وائيٽ هائوس ۾ واپسي پاڪ اسرائيل لاڳاپن جي بحالي تيز ڪري سگهي ٿي ۽ ٽرمپ انتظاميا سفارتي، معاشي فائدن سان پاڪستان جهڙن ملڪن جي حوصلا افزائي ڪري سگهي ٿي.
آرٽيڪل ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ سان پاڪستان کي اهم اقتصادي فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا، اسرائيل سان لاڳاپن سان پاڪستان کي زراعت، سائبر سيڪيورٽي دفاع ۽ مالي سيڙپڪاري جهڙا فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا.