بلوچستان ۾ 5 هزار والدين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪوئٽه: بلوچستان ۾ 5 هزار والدين ٻارن کي پوليو وائرس کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. صحت کاتي موجب بلوچستان ۾ 5 هزار والدين ٻارن کي پوليو وائرس کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪار آهن. صوبي ۾ هلندڙ سال 14 ٻار پوليو وائرس سبب متاثر ٿي معذور ٿي ويا آهن.

صحت کاتي جي ذريعن موجب بلوچستان ۾ پوليو کان بچاءُ جي تازي 7 ڏينهن واري مهم دوران پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان انڪاري والدين جا ڪيس رپورٽ ٿيا آهن

صحت کاتي جي ذريعن چيو آهي ته مهم 8 کان 15 سيپٽمبر جي دوران هلائي وئي هئي، پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ تقريبن 5 هزار اهڙا والدين رپورٽ ٿيا جيڪي پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ کان انڪاري آهن.

بلوچستان ۾ هلندڙ سال پوليو وائرس جا 14 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. انهن ۾ سڀني کان وڌيڪ 6 ڪيسز ضلع قلعه عبدالله مان رپورٽ ٿيا آهن انهي کان علاوه ڪوئٽه ۾ هلندڙ سال 2 ٻار پوليو وائرس سبب متاثر ٿيا آهن.

چمن، جهل مگسي، زوب، خاران ڊيره بگٽي ۽ قلعه سيف الله مان پوليو جو هڪ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي. متاثر ٻارن مان 3 ٻار فوت ٿي ويا آهن، اختيارين صوبي ۾ هلندڙ سال پوليو جا ڪيسز رپورٽ ٿيڻ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.