وفاقي سرڪار 71 هزار ارب روپين کان وڌيڪ قرض لاهڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو

اسلام آباد:  وفاقي سرڪار 71 هزار ارب روپين کان وڌيڪ قرض لاهڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي.

ملڪي قرضن ۾ گهٽتائي وفاقي حڪومت ڊيبٽ مينجمينٽ پلان جي تحت 71 هزار ارب روپين کان وڌيڪ قرض لاهڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي جنهن موجب وفاقي حڪومت اضافي قرضن تي ملڪ جو ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب حڪومت هڪ ئي وقت قرضن جي ادائيگي جي صلاحيت پيدا ڪندي ۽ وڌ کان وڌڪ رعايتي پرڏيهي فنانسنگ کي متحرڪ ڪيو وڃي. عالمي قرضن مان جاري ڊگهن منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو ويندو. جڏهن ته بجيٽ وڌائڻ جي لاءِ قومي بچت اسڪيمن ۾ بهتري آندي ويندي.

حڪومتي ڊيبٽ مينجمينٽ پلان جي تحت بانڊز جاري ڪرڻ سان گڏ عالمي مارڪيٽ ۾ موجودگي وڌائي ويندي. عالمي مارڪيٽن ۾ پانڊا، يورو بانڊز ۽ عالمي سڪا جاري ڪيا ويندا. ري فنانسنگ ۽ وياج جي شرح جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ جا قدم به کنيا ويندا.

وفاقي حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ادارن ۾ اصلاحات، ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪيو ويندو. قرض لاهڻ جي پلان ۾ مالي خسارن کي گهٽ ڪرڻ به شامل آهي. مالي خسارا گهٽ ٿيڻ سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو ۽ استحڪام جي نتيجي ۾ اضافي قرضن تي ملڪ جو انحصار گهٽ ٿيندو.

منصوبي جي تحت سرمائيڪاري ۾ وسعت، ڊوميسٽڪ ڊيبٽ، ڪيپٽل مارڪيٽ کي فعال ڪيو ويندو. ملڪي ۽ پرڏيهي سرمائيڪارن سان رابطا وڌايا ويندا. ايندڙ ڪجهه سالن ۾ نان بينڪ سيڪٽر جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. جنهن ۾ پينشن فنڊز، انشورنس ۽ ايسٽ مينجمينٽ ڪمپنين جو قيام به شامل آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ايندڙ ڪجهه سالن ۾ شريعه ڪمپلائنٽ قرض مارڪيٽ جي قيام کي هٿي ڏني ويندي. مقامي ۽ پرڏيهي قرضن جي پورٽ فوليو جو ميچورٽي پروفائيل وڌايو ويندو ۽ ميڊيم ٽرم ڊيبٽ مينجيمنٽ اسٽريٽجي موجب قدم کنيا ويندا.