ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر

راولپنڊي: ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ کي ڊي جي آءِ ايس آءِ مقرر ڪيو ويو آهي، ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ 30 سيپٽمبر تي پنهنجي نئين ذميواري سنڀاليندو.

ليفٽيننٽ جنرل عاصم هن وقت جي ايڇ ڪيو ۾ ايڊ جوائنٽ جنرل جا فرض انجام ڏئي رهيو آهي. ليفٽيننٽ جنرل عاصم انهي کان اڳ بلوچستان ۾ انفنٽري ڊويزن ۽ وزيرستان ۾ انفنٽري بريگيڊ ڪمانڊ ڪري چڪو  آهي، ليفٽيننٽ جنرل عاصم پنهنجي ڪورس ۾ اعزازي شمشير به حاصل ڪري چڪو آهي.

انهي کان علاوه ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ چيف انسٽرڪٽر اين ڊي يو ۽ انسٽرڪٽر ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئٽه به مقرر رهي چڪو آهي، ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ فورٽ ليون ورٿ ۽ رائل ڪاليج آف ڊفينس سنڊيز جو گريجوئيٽ به آهي.