آءِ پي پيز بابت ڪجهه ڳالهيون نٿيون ٻڌائي سگهجن، ان ڪيمرا بريفنگ لاءِ تيار آهيون: اويس لغاري

اسلام آباد: توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته آءِ پي پيز جي حوالي سان ڪجهه هفتن ۾ سٺي خبر  سامهون ايندي، ڪجهه معاملا اهڙا آهن جيڪي  هن هائوس ۾ نٿا ٻڌائي سگهون، ان ڪيمرا بريفنگ جي لاءِ تيار آهيون.

اها ڳالهه هن قومي اسيمبلي ۾ توانائي بابت ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چئي. توانائي واري وزير چيو ته ٽاسڪ فورس گڏجي مختلف ادارن کان ملي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جائزو ورتو آهي ان ۾ حڪومت جا پنهنجا پلانٽس به شامل آهن. آءِ پي پيز جو منافعو گهٽ ڪرڻ تي به ڳالهيون ٿيون آهن.

هن چيو ته فرنس آئل، ڪوئلي جي قيمت سميت ڪيترن ئي معاملن جو جائزو وٺي رهيا آهيون، مستقبل ۾ ڪهڙا پلانٽ گهرجن؟ ٽاسڪ فورس سمورا معاملا ڏسي رهي آهي، پاور سيڪٽر ۾ ڪوبه اهڙو ڪارنر نه آهي 20 روپيه گڏ گهٽتائي اچي، هڪ ئي وقت گهٽتائي جي بجاءِ 20-20 پئسن جو فرق وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

توانائي واري وزير چيو ته ڪجهه هفتن ۾ گڏيل راضپي سان سٺي خبر ملندي، معاهدي جي ڪنهن به قسم جي ڀڃڪڙي نه ٿيندي، قيمتن جو مٿي رهڻ ۽ گهٽ نه ٿيڻ جو سبب مهانگائي آهي ڪجهه شيون سستي اگهه تي خريد ڪرڻ جي قابل نه آهن. ڪجهه هفتن ۾ سٺي خبر ملندي ڪجهه معاملا اهڙا آهن جيڪي هن هائوس ۾ نٿا ٻڌائي سگهجن. ان ڪيمرا بريفنگ جي لاءِ تيار آهيون.  اويس لغاري وڌيڪ چيو ته بجلي جي سموري پيداواري ڪمپنين سان ٽاسڪ فورس ڳالهيون ڪري رهي آهي. اميد آهي ته ڪانٽريڪٽ جي اندر رهندي بهتر حل نڪري ايندو.

Some things cannot be said about IPPs