پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت 8 ڄڻا شهيد

غزهه : فلسطين ۽ اسرائيل وچ ۾ جاري جنگ کي هڪ سال پورو ٿيڻ تي آهي، ان باوجود اسرائيلي فوج پاران فلسطينين تي ظلم ۽ تشدد جو سلسلو جاري آهي.عرب ميڊيا موجب غزه جي مختلف علائقن ۾ اسرائيلي فوج طرفان تازو حملا ڪيا ويا آهن.ناصرت پناهگير ڪيمپ تي اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سميت 8 ڄڻا شهيد ٿي ويا. عرب ميڊيا موجب ويسٽ بئنڪ جي شهر قباطيه ۾ اسرائيلي فوج جي حملي دوران شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 7 ٿي ويو آهي.آپريشن ۾ اسرائيلي فوجي گاڏيون، بلڊوزر، جنگي جهاز ۽ ڊرون استعمال ڪيا ويا.اسرائيلي فوجين پاران شهيد فلسطينين جا لاش عمارت جي ڇت تان هيٺ اڇلائڻ جي وڊيو به سامهون آئي آهي.

8 peopleincluding children