پي ٽي اي پاران فوت ٿي ويلن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي جاري ڪيل سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) فوت ٿي ويل ماڻهن جي سڃاڻپ ڪارڊز تي جاري ڪيل سموريون سمون 15 آڪٽوبر کان بلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پي ٽي آءِ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فوت ٿي ويلن ۾ مرد ۽ عورتن جي سڃاڻپ ڪارڊ تي جاري سموريون سمون استعمال ڪندڙ فوري طور تي سمون پنهنجي نالي تي ڪرائين. مقرر ٽائيم کان پوءِ اهڙيون سموريون سمون بند ڪيون وينديون.

پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته اهي سمون پنهنجي نالي تي ٽرانسفر ڪرائڻ لاءِ صارفين کي فوت ٿي ويل پنهنجي  مائٽ جو اصل فوتي سرٽيفڪيٽ ۽ فوت ٿيل جي سڃاڻپ ڪارڊ سان گڏ مائٽ جي سرڪاري ثبوت جي ڪاپي سان گڏ ويجهي فرنچائز تان رابطو ڪرڻو پوندو.

پي ٽي اي چيو آهي ته لاڳاپيل فرنچائيز دستاويزن جي تصديق کان پوءِ فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ ڪارڊ تي جاري ٿيل سمون انهي جي مائٽ جي نالي تي منتقل ڪندي.