ڪراچي جي روڊن جي مرمت لاءِ اڍائي ارب رپين جي منظوري

ڪراچي: سنڌ حڪومت شهر ۾ برساتن سبب متاثر ٿيل روڊن جي بحالي لاءِ اڍائي ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ برساتن سبب متاثر ٿيل روڊن جي مرمت بابت جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير ناصر شاهه، بلديات واري وزير سعيد غني ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري شرڪت ڪئي.وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس ۾ ڪراچي ۾ برساتن سبب متاثر ٿيل روڊن جي مرمت لاءِ اڍائي ارب رپين جي منظوري ڏني وئي. ۽ اتفاق ڪيو ويو ته شهر جي 7 ضلعن ۾ روڊن جي پيچ ورڪ جي ضرورت آهي.اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو ته ڪراچي جي روڊن جي سروي ڪري رهيا آهيون، سروي ۾ اهو به معلوم ڪري رهيا آهيون ته اهي روڊ ڪڏهن خراب ٿيا.ان موقعي تي وڏي وزير مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته جيڪي روڊ تعمير يا مرمت ڪيا ويا آهن اهي وقت کان اڳ خراب ٿي ويا آهن ته پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي ته اهو روڊ ڪنهن ٺاهيو ۽ ڇو خراب ٿيو. جنهن به روڊ جو ناقص ڪم ڪيو ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.وڏي وزير ڪي ايم سي کي هدايت ڪئي ته جيڪي روڊ ٺهي رهيا آهن انهن جي ڊرينيج سسٽم کي بهتر بڻايو وڃي، هر روڊ جي سروس لائين به ضرور تعمير ڪئي وڃي، ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ فوٽ فلائي اوور آهن، مرمتي ۽ پلن جي اڏاوت جاري آهي، مان ان جي مرمت چاهيان ٿو. روڊ يا تعميراتي ڪم بهترين معيار جو آهي.اجلاس ۾ ميئر ڪراچي چيو ته انهن سمورن ڪمن لاءِ اڍائي ارب رپيا گهربل آهن، جنهن تي وڏي وزير اڍائي ارب جي فنڊز جي منظوري ڏني.