ملڪ جي رخ جو تعين چيف جسٽس نه پر پارليامينٽ کي ڪرڻ گهرجي: وفاقي وزيراعظم نذير تارڙ

اسلام آباد : قانون واري وفاقي وزير نذير تارڙ چيو آهي ته ملڪ جي رُخ جو تعين پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي، چيف جسٽس کي کنڊ جو اگهه مقرر نه ڪرڻ گهرجي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي اعظم نذير تارڙ چيو ته اسد قيصر منهنجو احترام آهي. توهان اسپيڪر جي ڪرسيءَ تي ويٺا آهيو، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته بل ايوان ۾ پيش ٿيڻ وقت مسودو اڳيان آندو وڃي.هن چيو ته معاملو ڪابينا ۾ ايندو آهي، ان کانپوءِ ڪابينا جي خاص ڪميٽي ان جي جاچ ڪندي آهي، ڪابينا ۽ خاص ڪميٽي کانپوءِ بل پارليامينٽ ۾ ايندا آهن.اعظم نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته هي بل مسودي طور ڪابينا وٽ نه ويو آهي ته پوءِ ان کي ايوان ۾ ڪيئن آڻي سگهجي ٿو، اسان بل تي اتحادين سان مشاورت ڪئي هئي. آئيني ترميمون ڪا نئين ڳالهه نه آهن، اهي چارٽر آف ڊيموڪريسي جو حصو آهن.