وياج جي شرح ۾ گهٽتائي بعد اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست تيزي

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي بعد جمعي تي اسٽاڪ مارڪيٽ جي 100 انڊيڪس ۾ هڪ ڏينهن اندر 999 پوائنٽ جي واڌ رڪارڊ ٿي. مالياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو هڪ ٻيو سبب آءِ ايم ايف پاران 25 سيپٽمبر جي اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ قرض جي منظوري کي شامل ڪرڻ به آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته پرڏيهي سيڙپڪارن پاران شيئرز جي وڪري واري رجحان سبب مارڪيٽ ۾ هيٺ مٿانهين جاري آهي.