گنڊاپور جو افغانستان سان ڳالهين جو بيان وفاق تي حملو قرار

اسلام آباد : بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جو افغانستان سان سڌي ريت ڳالهين جو بيان وفاق تي حملو آهي.قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خواجا آصف پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته شير افضل مروت پنهنجي تقرير جي آخر ۾ جيڪو چيو اهو به سٺو هو پر جڏهن کيس اسيمبلي ۾ خط مليو ته سندس پارٽي سندس پويان پئجي وئي. هتي اهڙو ماحول پيدا ٿي ويو آهي جو ڪو به مخالف ڌر جو ميمبر ڪنهن حڪومتي عهديدار سان ملي ٿو ته شڪ پيدا ڪيو وڃي ٿو.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي 4 سالن جي حڪومت ۾ مخالف ڌر کي ڀت سان لڳايو ويو، پي ٽي آءِ جي دور ۾ مخالف ڌر کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، قومي اسيمبلي جو ماحول بهتر ٿيڻ گهرجي.هن چيو ته ماحول پاڻ خراب ٿي رهيو آهي، اڄ خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير چوڻ آيو آهي ته افغانستان سان پاڻ ئي ڳالهيون ڪنداسين.وڏي وزير ڪهڙي حيثيت ۾ افغانستان سان ڳالهين جو اشارو ڏنو، هي وفاق تي سڌو حملو آهي، ڪو به صوبو ڪنهن ملڪ سان سڌو سنئون ڳالهيون نٿو ڪري سگهي. جنهن رستي تي وڏو وزير پاڻ هلي رهيو آهي ۽ ان سان گڏ پنهنجي پارٽي کي هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي اهو ملڪ لاءِ زهر آهي، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ملڪ جي سلامتي کي داءَ تي لڳايو آهي.قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بچاءَ واري وزير چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران قائم ڪيل روايت تي عمل ڪيو وڃي، ان روايت جي ڀڃڪڙي نه ٿيڻ گهرجي.آرٽيڪل 6 بابت ڳالهائيندي هن چيو ته مان پارليامينٽ جو واحد ميمبر آهيان جنهن تي آرٽيڪل 6 لڳايو ويو،هن ايوان کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ حڪومت ماضي ۾ پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪري آئين ۽ قانون جو احترام نه ڪيو، سياستدانن جي يادداشت تمام ڪمزور آهي، اسپيڪر صاحب جيڪڏهن اسان کي هن ايوان کي هلائڻو آهي ته پوءِ اسان کي اهو ايوان هلائڻو آهي. پوءِ جيڪا روايت اسان قائم ڪئي آهي ان تي عمل ڪيو وڃي، اسد قيصر جي قائم ڪيل روايت تي عمل نه ڪيو وڃي.

Gandapurwhich talks with Afghanistan