سينيٽ ۾ جادو کي روڪڻ بابت بابت فوجداري قانون ۾ ترميم جو بل پيش

اسلام آباد: سينيٽ ۾ جادو کي روڪڻ بابت بابت فوجداري قانون ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو ويو آهي.

سينيٽر ثمينه ممتاز طرفان پيش ڪيل بل ۾ چيو ويو آهي ته جادو ڪرڻ يا ان جي مشهوري ڪندڙ شخص کي 6 مهينن کان 7 سالن تائين قيد ۽ 10 لک روپين تائين ڏنڊ هوندو ۽ اهو ڏوهه ضمانت نه ٿيڻ جوڳو هوندو.

هوڏانهن ثمينه ممتاز صدر، وزيراعظم سميت پبلڪ آفيس رکندڙن جي گهٽ ۾ گهٽ تعليم گريجوئيشن هجڻ جو آئيني ترميمي بل به ايوان ۾ پيش ڪيو.

بل ۾ چيو ويو آهي ته  ملڪ جي صدر ۽ وزيراعظم جي تعليمي قابليت گهٽ ۾ گهٽ گريجوئيشن هجي. گورنر،  وڏو وزير، چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين سينيٽ، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر گريجوئيٽ هجن.