انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ پاڪستان خلاف سيريز مان ٻاهر

لاهور: انگلينڊ جو فاسٽ بالر مارڪ ووڊ ڪهني جي زخم سبب پاڪستان خلاف سيريز کان ٻاهر ٿي ويو آهي.انگلش ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) موجب مارڪ ووڊ هن سال وڌيڪ ڪرڪيٽ نه کيڏيندو.اي سي بي جو چوڻ آهي ته مارڪ ووڊ انگلينڊ جي پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي دوري ۾ حصو نه وٺندو، اميد آهي ته ايندڙ سال پاڪستان ۾ چيمپئنز ٽرافي کان اڳ واپس اچي ويندو.واضح رهي ته مارڪ ووڊ هلندڙ سال ويسٽ انڊيز خلاف سيريز ۾ ڪلهن جي درد جي شڪايت ڪئي هئي.فاسٽ بالر درد کي سنڀالڻ دوران سريلنڪا خلاف ٽيسٽ به کيڏيو پر ٽيسٽ رپورٽ ۾ انڪشاف ٿيو ته مارڪ ووڊ جي ساڄي ڪلهي ”اسٽريس انجري“ ۾ مبتلا آهي.