اسرائيلي حملن ۾ هينئر تائين 40 هزار 878 فلسطيني شهيد

غزه : غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جو سلسلو جاري آهي، اتر غزا ۾ حليمه السديه اسڪول ۽ النصيرات پناهگيرن جي ڪيمپ تي هوائي حملي ۾ 13 فلسطيني شهيد ٿي ويا. طبي ذريعن موجب جمعي تي غزه تي اسرائيلي حملن ۾ ڪل 33 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا.تلهوا ۾ اسرائيلي هيلي ڪاپٽرن رهائشي علائقن تي فائرنگ ڪئي.بوريج جي پناهگير ڪئمپ ۾ عمارت تي بمباري جي نتيجي ۾ 4 فلسطيني شهيد ۽ 10 زخمي ٿي پيا.گڏيل قومن جي تازي رپورٽ موجب سومر کان خميس تائين غزه تي جاري اسرائيلي حملن ۾ 110 فلسطيني شهيد ۽ 230 زخمي ٿي پيا آهن.رپورٽ موجب 7 آڪٽوبر 2023ع کان وٺي غزه تي اسرائيلي حملن ۾ 40 هزار 878 فلسطيني شهيد ۽ 94 هزار 454 زخمي ٿي چڪا آهن.