ڪرسٽيانو رونالڊو ڪيريئر جا 900 گول مڪمل ڪري ورتا

دبئي : پرتگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو نيشنس ليگ ۾ ڪروشيا خلاف کيڏندي پنهنجي ڪيريئر جو 900 هون گول ڪيو.ڪرسٽيانو رونالڊو 34 هين منٽ ۾ پنهنجي ڪيريئر جو 900 هون گول ڪري پنهنجي ٽيم پرتگال کي ڪروشيا خلاف 0-2 تان هارائي ڇڏيو.39 سالن جي عمر پنهنجي فٽبال ڪيريئر ۾ هن نئين سنگ ميل کي پار ڪرڻ کان پوء جذباتي نظر آئي.ڪرسٽيانو رونالڊو هن وقت تائين پرتگال جي قومي ٽيم لاءِ 131، ريال ميڊرڊ لاءِ 450، مانچسٽر يونائيٽيڊ لاءِ 145، جووينٽس لاءِ 101، پنهنجي موجوده ڪلب النصر لاءِ 68 ۽ پنهنجي پهرين ڪلب اسپورٽنگ لزبن لاءِ 5 گول ڪري چڪو آهي ارجنٽائن جو ليونل ميسي پنهنجي ڪيريئر ۾ 859 گولن سان گڏ فٽبال جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ گول اسڪور ڪندڙن جي لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي آهي.