ڪارساز سانحو، فوتي پيءُ ۽ ڌيءَ جي وارثن جوابدارن کي معاف ڪري ڇڏيو

ڪراچي: ڪراچي ۾ ڪارساز روڊ تي حادثي دوران فوت ٿيل پيءُ ۽ ڌيءَ جي وارثن گاڏيءَ جي ڊرائيور عورت نتاشا کي معاف ڪري ڇڏيو.

 فوتين جي وارثن پاران حلف نامو جمع ڪرائڻ بعد ڪراچي جي عدالت حادثي ڪيس ۾ گرفتار نتاشا ۽ سندس مڙس دانش جي ضمانت منظور ڪري ورتي،

فوتي عمران عارف ۽ سندس ڌيءَ آمنه جي وارثن حلف نامي ۾ چيو آهي ته اسان جوابدارعورت نتاشه کي الله جي نالي تي معاف ڪري ڇڏيو آهي.