سنڌ ۾ برسات جو امڪان: ڪيترن ئي شهرن ۾ پاڻي جمع ٿيڻ سبب مختلف بيماريون پکڙجڻ لڳيون

ڪراچي: موسميات کاتي اڄ سنڌ ۾ مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. سنڌ ۾ اڄ ميرپورخاص، عمرڪوٽ، مٺي ۽ ٿرپارڪر ۾ ڪجهه هنڌن تي برساتن جو امڪان آهي ، ان کان علاوه اڄ مٿانهين خيبرپختونخواهه ۽ ڪشمير ۾ به ڪنهن ڪنهن هنڌ تي برسات پئجي سگهي ٿي.

ٻئي طرف ٽنڊوالهيار ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مختلف بيماريون پکڙجڻ لڳيون آهن. شهري مليريا، ڊائريا ۽ مختلف چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.

هوڏانهن ميرپورخاص ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، جنهن سبب ڪيترن ئي هنڌن تي زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو آهي. متاثر علائقن مان ماڻهن جي لڏ پلاڻ جاري آهي، دادو ۾ گاج ندي جي پاڻي جي سطح گهٽ ٿيڻ لڳي جڏهن ته سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي نيڪال کان پوءِ منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي.

خضدار ۾ تازين برساتن کان پوءِ مواصلات جو نظام سخت متاٿر ٿيو آهي. بلوچستان کي سنڌ سان ملائيندڙ قومي شاهراهه اين 8 سميت ٻيا روڊ زبون حال جو شڪار ٿي ويا آهن.

نصيرآباد جي به مختلف  علائقن ۾ بيماريون پکڙجڻ لڳيون، جعفرآباد جي مراد آباد ڪالوني ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب  رهواسين کي چمڙي ۽ ٻين بيمارين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

جهل مگسي ۾ ٻوڏ سبب متاثر علائقن سان رابطي جا روڊ 7 ڏينهن کان بند آهن. پي ڊي ايم اي متاثر علائقن ۾ امدادي سامان پهچائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

Chance of rains in Sindh: Due to accumulation of water in many cities