سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي خطرناڪ حد تائين صحت لاءِ هاڃيڪار هجڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: سنڌ سميت ملڪ جي 29 شهرن جو 61 سيڪڙو پاڻي خطرناڪ حد تائين صحت لاءِ هاڃيڪار هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

آبي وسيلن واري وزارت طرفان قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل رپورٽ موجب سنڌ سميت ملڪ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي غير محفوظ آهي. ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد ۽ گلگت ۾ پيئڻ جو پاڻي 100 سيڪڙو غير محفوظ آهي. جڏهن ته ڪراچي ۾ 93 سيڪڙو، ملتان ۾ 94 ۽ بدين ۾ 92 سيڪڙو پيئڻ جو پاڻي غير محفوظ آهي.

رپورٽ موجب بهاوالپور ۾ 78، سرگودها 83 سيڪڙو، فيصل آباد 59 سيڪڙو، شيخوپوره ۾ 60 سيڪڙو پاڻي خطرناڪ آهي. ايبٽ آباد ۽ خضدار ۾ 55 سيڪڙو، لورالائي ۽ ڪوئٽه 59 سيڪڙو،  حيدرآباد 80، سکر 67 ۽ مظفر آباد ۾ 70 سيڪڙوپاڻي غير محفوظ آهي. پي سي آر ڊبليو آر باقاعدگي سان صوبن کي  سڄي ملڪ ۾ پاڻي جي نگراني جا نتيجا اماڻيندو آهي. 18هين ترميم کان پوءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ معيار بهتر بنائڻ صوبن جي ذميواري آهي.

In various cities of the country including Sindh