برمنگهم ۾ مقرر پي آءِ اي جي ڊپٽي اسٽيشن مئنيجر جي ملازمت ختم

ڪراچي : برمنگهم ۾ مقرر پي آءِ اي جي ڊپٽي اسٽيشن مئنيجر جاويداقبال باجوا جي ملازمت ختم ڪئي وئي،برمنگهم ۾ مقرر پي آءِ اي جي ڊپٽي اسٽيشن مئنيجرجاويد اقبال باجوه جي ملازمت ختم ڪئي وئي آهي،پي آءِ اي ترجمان موجب لاهور بورڊ مان ايف اي سرٽيفڪيٽ جعلي ثابت ٿيڻ تي اقبال جاويد باجوا استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، برطانيه ۾ پي آءِ اي جي ڊپٽي اسٽيشن مئنيجر جاويد اقبال باجوا استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي،پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جاويد اقبال باجوه کي 30 جولاءِ تي پي آءِ اي جي فنانس مئنيجر برمنگهم طرفان شو ڊائون ڪيو ويو هو،ذريعن موج بجاويد اقبال باجوا 1977ع ۾ پي آءِ اي راولپنڊي آفيس ۾ نوڪري حاصل ڪئي ۽ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ برطانوي شهريت ورتي،ذريعن جو چوڻ آهي ته اقبال جاويد باجوا برطانوي شهريت حاصل ڪندي ئي پي آءِ اي ۾ نوڪري تبديل ڪري ڇڏي،ذريعن جو چوڻ آهي ته جاويد اقبال باجوا اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا جو ڀاءُ آهي