انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 75 پئسا ٿي ويو

ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 5 پئسا واڌ ٿي وئي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 5 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 278 رپيا 75 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 70 پيسا تي هو. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروبار جو رجحان آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 417 پوائنٽن جي واڌ سان 78 هزار 773 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 78 هزار 356 پوائنٽس تي بند ٿيو.

In the interbank