پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي طلب ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : اجلاس ۾ سڀاڻي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.پارلياماني ذريعن موجب صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف جي صلاح تي گڏيل اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.اجلاس ۾ قانون سازي لاءِ ڪيترائي بل پيش ڪيا ويندا، اهي بل سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي مان منظور نه ٿي سگهيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل اجلاس گهرائڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪيو ويندو.