مون کي ايترو بدنام ڪيو ويو آهي جو هاڻ شادي به نه پئي ٿئي: ڪنگنا رناوت

ممبئي: ڀارتي اداڪاره ڪنگنا رناوت چيو آهي ته مون کي تمام گهڻو بدنام ڪيو ويو آهي جنهن سبب هاڻ منهنجي شادي به نه پئي ٿئي.

بالي ووڊ جي تڪراري اداڪاره ۽ بي جي پي جي پارليامينٽ ميمبر ڪنگنا رناوت چيو آهي ته مون بابت ڪوڙيون خبرون هلائڻ سبب هاڻ منهنجي شادي نه ٿي رهي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ 30 ورهين جي اداڪاره چيو ته شادي بابت منهنجا خيال مثبت آهن. منهنجو نظريو آهي ته هر انسان کي هڪ ساٿي جي ضرورت هوندي آهي، مون کي لڳي ٿو ته ٻار ٿيڻ گهرجن ۽ فيملي هجڻ گهرجي.

ڪنگنا رناوت چيو ته ماڻهن مون کي ايترو بدنام ڪيو ويو آهي جو هاڻ منهنجي شادي نه ٿي رهي آهي منهنجي خلاف تمام گهڻا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جيئن ئي ڪنهن سان رشتي جي ڳالهه هلندي آهي ته پوليس گهر اچي ويندي آهي ۽ مون کي کڻي ويندي آهي، هڪ ڀيرو ٿيندڙ سس ۽ سهرو آيل هئا ته عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم اچي ويو، اهڙي صورتحال ڏسي اهي به واپس هليا ويا. ياد رهي ته ڀارتي اداڪاره ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اهڙي بيان کي مذاق قرار ڏئي ڇڏيو هو.

ڪنگنا رناوت بي جي پي طرفان پارليامينٽ جي ميمبر چونڊجي هئي، هن 5 لک کان وڌيڪ ووٽ به حاصل ڪيا هئا.