ربيع الاول جو چنڊ ڏسڻ لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس طلب

اسلام آباد: ملڪ ۾ ربيع الاول جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 29 سفر اربع جي ڏينهن ٿيندو.اجلاس جي صدارت رويت هلال ڪميٽي جو چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد ڪندو. سڄي ملڪ ۾ شهادتن جي آڌار تي ربيع الاول جي چنڊ جو اعلان ڪيو ويندو.ربيع الاول مهيني 1446 هجري جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس 4 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، اجلاس ۾ عالم، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وزارت، موسميات کاتو ۽ اسپارڪو جا نمائندا شريڪ ٿيندا.ان حوالي سان زونل رويت هلال ڪميٽيز جا اجلاس صوبائي هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيندا، سڄي ملڪ ۾ ربيع الاول مهيني ۾ خاص طور تي نبي پاڪ صه جي ولادت جو ڏينهن 12 ربيع الاول عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي.

Rabi Al-Awwal to see the moon