پي ٽي آءِ باني سان 9 مئي واقعن تي معافي گهرڻ تائين ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن: احسن اقبال

لاهور: مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته عمران خان سان انهي وقت تائين ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن جيستائين هو 9 مئي جي واقعن تي معافي نٿو گهري.

لاهور ۾ مسلم ليگ(ن) جي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي احسن اقبال چيو ته عوام کي مهانگائي کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ وفاق ۽ صوبائي حڪومتون خرچن تي نظرثاني ڪن. اڄوڪي اجلاس ۾ سستي بجلي جي لاءِ اصلاحات تي غور ڪيو ويو.

هن چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ملڪ ۾ بهتر بلدياتي نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، نوازشريف موجوده بلدياتي نظام ۾ اصلاحات جي  هدايت ڪئي آهي، اجلاس ۾ پارٽي کي وڌيڪ منظم ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزن تي به غور ڪيو ويو.

عمران خان بابت سوال تي احسن اقبال چيو ته پي ٽي آءِ باني چيئرمين جيل ۾ شاهاڻي زندگي گذاري رهيو آهي، هو فائيو اسٽار جيل ڪاٽي رهيو آهي، اسان کي به جيلن ۾ وڏو ويو پر اسان ڪابه شڪايت نه ڪئي، هي اين آر او چاهي ٿو جيڪو کيس نه ملندو. عمران خان کي پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻي پوندي ۽ رسيدون ڏيکارڻيون پونديون.

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني چيئرمين جيل اندر انهيءَ سيل ۾ آهي جتي مون کي رکيو ويو هو، اسان مخالفن سان اهو سلوڪ نه ڪندا آهيون جيڪو اسان سان ڪيو ويو، پي ٽي آءِ باني سان انهي وقت تائين ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن جيستائين هو 9 مئي تي معافي نه گهري.

وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي هن وقت اڻ اعلانيل جنگ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پي ٽي آءِ ڀارت سان گڏجي آمريڪا ۾ پاڪستان مخالف قرارداد منظور ڪرائي.

نواز شريف جي لنڊن وڃڻ بابت سوال تي(ن) ليگ جي جنرل سيڪريٽري چيو ته نوازشريف جي لنڊن وڃڻ جو پروگرام فائنل نه ٿيو آهي، نوازشريف جيڪڏهن لنڊن ويندو ته هو پنهنجي چيڪ اپ لاءِ ويندو، جيڪڏهن چيڪ اپ لاءِ به ويو ته واپس موٽي ايندو.