نيشنل يوٿ اسيمبلي سنڌ جي وفد جي فورس ڪمانڊر اينٽي نارڪوٽڪس فورس بريگيڊئير محمد عمر فاروق سان ملاقات

ڪراچي: نيشنل يوٿ اسيمبلي سنڌ جي ڪراچي جي پنجاهه يونيورسٽيز جي وفد فورس ڪمانڊر اينٽي نارڪوٽڪس فورس بريگيڊئير محمد عمر فاروق سان ريجنل آفيس ۾ ملاقات ڪئي .

ان موقعي تي ڪراچي جي مختلف يونيورسٽيز جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت نيشنل يوٿ اسيمبلي جي صوبائي ڪابينا جي ميمبرن به شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي بريگيڊئر عمر فاروق نوجوانن کي منشيات جي نقصان ۽ ان جي روڪٿام لاءِ اينٽي نارڪوٽڪس فورس جي حڪمت عملي کان واقف ڪيو. فورس ڪمانڊر نوجوانن کي اينٽي نارڪوٽڪس فورس جو ايمبيسيڊر بڻايو ۽ انهن ۾ سَندُون پڻ ورهايون .